ديسي جٽل

ديسي/ جٽل: هيءُ ٻڪريءَ جو هڪ قسم آهي، جنهن کي ديسي يا جٽل نسل سڏيو وڃي ٿو. هن نسل جي ٻڪرين جو رنگ اڪثر ڪارو ۽ سليٽي مائل ڪارو ٿئي ٿو ۽ ڪن ٻڪرين ۾ مختلف رنگن جا ٽڪا پڻ ڏسڻ ۾ ايندا آهن. هيءُ درحقيقت ڪاموري ۽ ڪوهستاني نسل جو گڏيل نسل آهي. هن نسل جون ٻڪريون دادو، سکر، نوابشاهه، شڪارپور ضلعن ۾ ملن ٿيون. هن نسل جي ٻڪرين جو قد وڏو ۽ ڀريل ٿئي ٿو. ڪن ڊگھا ڳچي وڏي، اوهه ويڪرو ۽ ٿڻ وچولا. هن نسل جي ٻڪرين جي جسم تي وار ڊگھا ٿين ٿا. هي نسل کير گوشت ۽ چمڙي جي لحاظ کان مفيد سمجھيو ويندو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو